صحبت پور – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثر علائقي صحبت پور ۾ امدادي ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ??هي ته متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جو ڪم وڌيڪ تيزي سان ڪيو وڃي، ??تاثر علائقن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي فوري پهچائينداسين، ٻوڏ تي سياست نه ڪنداسين. وزيراعظم بلوچستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقي صحبت پور جو دورو ڪيو ??تي کيس ٻوڏ جي تباهين، متاثرين جي امداد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر ??ي بح??لي لاءِ جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ??ه صحبت پور بلوچستان ۾ ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو ??هي هتي نقصانن جي گڏيل سروي جلد مڪمل ڪئي ويندي، ??تاثر خاندانن کي 25 هزار رپ??ا في خاندان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فراهم ڪيا پيا وڃن، هيستائين هڪ لک 66 هزار خاندانن کي اها رقم ڏني وئي آهي، ??تاثرين کي 2 لک 50 هزار مهاريُون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن ته اڍائي لک وڌيڪ فراهم ڪنداسين، ان کانسواءِ خيمن جي فراهمي جو ڪم به جاري آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ??ه هن علائقي ۾ 122 ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن، ميڊيڪل ڪئمپس ۾ 4 لک کان وڌيڪ مريضن کي علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي، ??يناڊول ۽ مليريا جون دوائون موجود آهن هتي نانگ جي ڪکڻ سان ٻه فوتگيون ٿيون جڏهن ته ان تي ضابطو آندو ويو ??هي، حاملا عورتن جي رجسٽريشن جاري آهي، ??يڊيڪل ڪئمپ ۾ گائناڪالوجسٽ سميت ٻيو لاڳاپيل عملو موجود آهي، ??قامي ايم پي اي وزيراعظم جي آجيان ڪندي چيو ??ه هتي ماڻهن جا گهر ۽ زراعت تباهه ٿي چڪي آهي، شهر مان پاڻي ڪڍڻ جو انتظام ڪيو وڃي. هن چيو ??ه هي قدرتي آفت تمام وڏي آهي، ان ۾ بح??لي جي حوالي سان مشڪلاتون به آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ??ه هنگامي امدادي ڪمن جي لاءِ وفاق کان وڌيڪ معاونت جي ضرورت آهي، ڳوٺاڻن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي بح??لي جي حوالي سان ڪجهه مشڪلاتون آهن جڏهن ته شهري علائقن ۾ انٽرنيٽ بح??ل ڪئي وئي آهي. وزيراعظم ان موقعي تي متاثرين جي بح??لي لاءِ امدادي ڪمن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ??ه وفاق کان جيڪڏهن وڌيڪ فنڊز گهرجن ته آگاهه ڪريو، اسان کي ٻوڏ تي سياست ناهي ڪرڻي، ??ي هڪ امتحان آهي، ??وڏ جي پاڻي جي حوالي سان ان کان وڏي آفت ماضي ۾ ناهي ڏٺي، ان تي صبر کان ڪم وٺڻو پوندو، حڪومتي مشينري فوري طور فعال آهي، صحبت پور سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو ??هي، ??يئڻ جي پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي وزيراعظم چيو ??ه فوري طور تي هيليڪاپٽر جي ذريعي پاڻي جون بوتلون مهيا ڪيون وڃن. هن عملدارن کي هدايت ڪئي ته پيئڻ جي پاڻي جي عدم فراهمي جي شڪايت نه اچڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ??ه وڌيڪ خيمن جا آرڊر ڏنا ويا آهن، اهي خيما بلوچستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ڏنا ويندا، متاثر علائقن ۾ وبائي مرض پکڙجي رهيا اهن، انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آهي.