اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گ??يل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي پ??ڏيهي وزارت پهچڻ تي استقبال ڪيو. ان موقعي تي پ??ڏيهي وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ??عد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ?? گ??يل قومن جي سيڪريٽري جنرل گ??يل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. انتونيو گوتريس تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر پاڪستان جي عوام سان گهري همدردي ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. هو ٻوڏ کان شديد م??اثر علائقن جو پڻ دورو ڪندو. ان کان اڳ هن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.