اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي سطح تي عزت جي نگاهه سان ڏسيو ويندڙ رسالي اڪنامسٽ ۾ شايع ٿيندڙ ??ن خبرن عمران نيازي بابت اسان جي موقف جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، هو پاڪستان کي ڪ??زور ڪرڻ چاهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته رسالي پنهنجي تازي شماري ۾ لکيو آهي ته عمران نيازي آءِ ايم ايف سان پروگرام جي منظوري روڪرائڻ جي ڪ??شش ڪئي ۽ هو تازي ٻوڏ جي آفت کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ??ي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته نيازي پاڪستان کي ڪ??زور ڪرڻ چاهي ٿو.