اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چي?? آهي ته پاڪستان قطر سان گڏ تاريخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. منهنجو قطر جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻڌي ۽ دوستي جي رستي جي تجديد هوندي. پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ وزير اعظم چيو ته پنهنجي ڀاءُ شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي قطر روانو ٿئي رهي?? آهيان. اهو دورو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ڀائي چاري ۽ دوستي جي رستي جي تجديد ڪندو. اسان پنهنجي تاريخي ٻه طرفا لاڱاپن کي وڌيڪ مضبوط اسٽريٽجڪ لاڱاپن ۾ تبديل ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه جي دوران پاڪستان ۾ تجديد ??ي قابل توانائي، خوراڪ جي حفاظت، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي، سياحت ۽ مهمان نوازي جهڙن مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي پرڪشش موقعن کي اجاگر ڪندس. دوري جي تناظر کي سمجهڻ ضروري آ??ي. ??نيا ڪووڊ 19 جي وبا سان متاثر معيشت جي بحالي ۾ سست روي کي منهن ڏيئي رهي آ??ي. ??غرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ گهرج ۽ ورڇ کي متاثر ڪي?? آهي ۽ وڌندڙ توانائي ۽ خوراڪ جون قيمتون مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آ??ي. ??سان جا گڏيل چيلنچز تعاون جي لاءِ نوان رستا ڳولڻ جي گهرج ڪن ٿا.