پشاور – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ سٽيل ريليف ڪئمپ جو دور?? ڪيو جتي هو ٻارن سميت ٻوڏ متاثرين سان مليو ۽ انه?? کي حڪومت پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي وزيراعظم نوشهره ضلعي جي ٻوڏ متاثر ماڻهن سان همدردي ج?? اظهار ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته حڪومت انهن جي بحالي ۽ آب??دڪ??ري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. شهباز شريف چيو ته حڪومت آخري ٻوڏ متاثر جي بحالي ۽ آب??دڪ??ري تائين پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا قومي تعميراتي ادارا ٻوڏ متاثرين تائين پهچڻ ۽ انه?? کي هنگامي بنيادن تي ضروري امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪري رهيا آهن، ٻوڏ سبب تباهه ٿيندڙ رستن جي نئين سر تعمير ڪئي ويندي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ملڪ ٻوڏ جي موجوده صورتحال مان ڪاميابي سان نڪري ايندو ۽ متاثرين پنهنجي معمول واري زندگي طرف واپس ويندا. وزيراعظم ڪئمپ جي اندر ٻوڏ متاثرين جا مسئلا ٻڌا ۽ انه?? کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. شهباز شريف متاثري?? کي چيو ته هو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ مستقبل جي آفتن کان اسان جي عوام جي حفاظت جي لاءِ دعا ڪن. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارن سان پيار ج?? اظهار ڪيو. وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ ايم پي اي اختيار اردلي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.