ڊيره اسماعيل خان – 11 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ڊيره اسماعيل خان ۾ به آزادي جي ڏهاڙي ملهائڻ جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن. شهر ج?? مختلف علائقن ۾ سبز هلالي قومي جهنڊن، جهنڊين بيجز سميت ٻين نئي?? ڊيزائين جون شيون وڪرو ڪرڻ جي لاءِ اسٽالز قائم ڪيا ويا آهن. جشن آزادي جي تيارين جي سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ هو ته وڌندڙ م??انگائي جي هن دور ۾ آزادي جي ڏهاڙي جون شيون خريد ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ضرور آهن پر آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو جذبو ختم ناهي ٿيو. انشاءَ الله 14 آگسٽ شاندار طريقي سان ملهائينداسين.