اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب چيو آهي ته گذريل چار سال پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪو??ت ۾ صرف عمران ??ان?? ڪارٽلز ۽ مافياز جا کيسا ڀريا ويا، ملڪ کي عمران خان لميٽڊ ڪمپني جي طور تي هلايو ويو. پي ٽي آءِ ??ڳواڻ فواد چوڌري جي ٽوئيٽ تي پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته گذريل چار سال وزيراعظم جو اختيار عوام کي بکيو، غريب ڪرڻ، معاشي تباهي ۽ ڪشمير فروشي لاءِ ??ستعمال ٿيو، پيٽرول، بجلي، گئس، دوائون، اٽو، کنڊ، پٽاٽا، بصر، تيل سوچيل سمجهيل حڪمت عملي تحت مهانگو ڪيو ويو، هن چيو ته سوچيل سمجهيل سازش حڪمت عملي تحت ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو ويو، عوام نالائقن، چورن ۽ مافيا کي موقعو نٿي ڏي، هي حقيقت سمجهن عوام سڀ ڄاڻي ٿي.