اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي ??اظم الامور اينجلا ايگلر الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ٿيندڙ بيا?? موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي و??يڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير پاڪستان کي 64 ملين ڪوويڊ ويڪسين جي خوراڪ فراهم ڪرڻ جي ورجاءُ تي آمريڪا جا ٿورا مڃيا. هن رخصت ٿيندڙ آمريڪي ??اظم الامور اينجلا ايگلر کي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. پرڏيهي وزير آمريڪي ??اظم الامور جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.