اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل سيڪيورٽي ڪورس 2022ع جي گريجوئيشن تقريب جمعي تي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي، اسلام آباد ۾ منعقد ٿي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب جو خاص مهمان هو. ان موقعي تي وفاقي وزير، سينيٽرز، سينئر حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسر به موجود هئا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري هڪ پريس رليز موجب گريجوئيشن جي تقريب، نيشنل سيڪيورٽي ڪورس جي پڄ??ڻي تي منعقد ڪئي وئي جنهن جو آغاز 16 آگسٽ 2021ع تي ٿيو هو ۽ ان ۾ پاڪستان جي سول سروسز سان گڏوگڏ هٿياربند فوج جي ميمبرن به شرڪت ڪئي، ان ڪورس جو بنيادي مقصد ڪورس جي ميمبرن کي ”جامع قومي سلامتي“ جي ت??مير ۾ قومي طاقت جي سمورن عنصرن جي گڏيل عمل کي سمجهڻ جي قابل بڻائڻ هو. خاص مهمان گريجوئيٽس کي خطاب ڪندي کين سندن ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قومي سلامتي ب??بت پيچيده ۽ پيشيور??ڻي معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل مهارتن سان ليس هجڻ کانپوءِ کين اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي جيڪو قوم کي درپيش خطرن ۽ چئلينجن جي خلاف قومي رد عمل کي ت??ور ڪرڻ جي لاءِ گهربل هجي، هن قومي سلامتي جي ت??ورن تي شرڪت ڪندڙن جي مهارتن کي نکارڻ ۽ قومي پاليسي سازن کي پاڪستان جي قومي سلامتي ب??بت مسئلن جي بهتر نموني ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي حوالي سان نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي خدمتن کي ساراهيو.