اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پونيئرن سان رابطو ڪيو ۽ عظيم قرباني ۽ قوم جي لاءِ خدمتن تي شهيدن کي خراج تحسين پي?? ڪيو ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي 6 ڊسمبر تي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر راجا ذيشان جهانزيب ۽ ميجر محمد عرفان برچا جي پونئيرن سان افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 27 نومبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي جوانن جي ??هرڀاتين سان پڻ ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ شهيدن جي ??هرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلند لاءِ دعا ڪئي. صدر لانس نائيڪ عارف ۽ نائيڪ ر??مان جي ??هرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ??عز??ت جو اظهار ڪيو. صدر 8 نومبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي غفور جان جي ??هرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. سوڳوار خاندانن سان ??عز??ت جو اظهار ڪندي صدر عظيم قرباني ۽ قوم جي لاءِ خدمتن تي شهيدن کي خراج تحسين پي?? ڪيو ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.