اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جدوجهد سان پ??ڪس??ان جي م??ڻهن جون صلاحيتون اجاگر ٿينديون ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍي سگهبو، ماحولياتي تحريڪ هڪ مقدس فرض آهي، الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ جي لا??ِ انسان کي ٻين جو احساس ڪرڻ گهرجي، اشرافيه پ??ڪس??ان جي وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل آهي، قانون جي عدم حڪمراني جي ڪري پ??ڪس??ان پنهنجي صلاحيتن مان فائدو نه کڻي سگهيو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ناليواري اسلامي اسڪالر شيخ حمزه يوسف سان آن لا??ين ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيو جيڪو زيتونه ڪاليج جو صدر هجڻ سان گڏوگڏ مسلم حياتيات، قانون، فلسفي سميت ڪيترن ئي موضوعن تي م??مونن ۽ مقالن جو ليکڪ پڻ آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪو به معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي جيڪڏهن اتي قانون جي حڪمراني نه هجي. هن چيو ته مهذب معاشري جو بنيادي اصول قانون جي حڪمراني آهي جتي توهان طاقتور کي قانون جي دائري ۾ آڻيو ٿا. هن واضح ڪيو ته اسرندڙ ملڪن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو قانون جي حڪمراني جو نه هجڻ آهي، جتي اميرن جي لا??ِ هڪ ۽ ڪمزور طبقن جي لا??ِ ٻيو قانون آهي ۽ جيلون به غريبن سان ڀريل آهن. هن چيو ته قانون جي حڪمراني نه هجڻ جي ڪري نه رڳو عوام جي اڪثريت بنيادي سهولتن کان محروم آهي پر ملڪ به پنهنجي صلاحيتن مان فائدو نه کڻي سگهيو، ملڪي وسيلن تي اشرافيه جي قبضي جي م??ئلي جي ڪري پ??ڪس??اني عوام جي اڪثريت صحت، تعليم ۽ انصاف جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهي. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون موجود آهن ۽ اسان جي عوام به باصلاحيت آهي. ميرٽ جو تعلق به قانون جي حڪمراني سان آهي. جيڪڏهن توهان وٽ معاشري ۾ ميرٽ ڪريسي نه آهي ته اشرافيه قابض ٿي وڃي ٿي ۽ جنهن ڪڏهن ڪا جدوجهد ئي نه ڪئي هوندي آهي اهو به اهم عهدن تي فائز ٿي وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته ماڻهو زوال پذير ناهن ٿيندا پر اشرافيه ئي زوال پذير ٿيندي آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان کي نبي ڪريم ﷺ جي م??يني جي رياست جي تصور موجب هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو خواهشمند آهيان. هن چيو ته اسان پ??ڪس??ان جو بنياد ٻن اصولن تي رکڻ چاهيون ٿا، جن ۾ پهريون اصول فلاحي ۽ انساني رياست آهي جيڪا معاشري جي هيٺئين طبقي جو خيال رکي ۽ ٻيو اصول قانون جي حڪمراني آهي. وزيراعظم عمران خان موسمياتي بحران جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ماحول جو تحفظ هڪ مقدس فرض آهي پر جيڪڏهن توهان ان مقدس عمل کان مڪمل لا??علق ٿي وڃو ٿا ۽ رڳو ماديت پرست ٿي وڃو ٿا ته ائين ئي ٿيندو آهي جيئن هن وقت دنيا ۾ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مقدس جو بنيادي م??لب ٻين جو احساس ۽ همدردي آهي. هن چيو ته دنيا جي سڀ کان وڏي م??حولياتي تباهي جنهن کي موسمياتي تبديلي جو نالو ڏنو وڃي ٿو ان جي ڪري انسان قدرت کان تمام گهڻو پري ٿي ويو آهي. هن چيو ته اسان جي نبي ڪريم ﷺ جو فرمان آهي ته آخرت جي لا??ِ ائين جيئو جيئن توهان کي سڀاڻي ئي م??ي وڃڻو آهي، پر توهان جا اعمال اهڙا هجڻ گهرجن جو جيڪڏهن توهان سڀاڻي م??ي وڃو ته الله تعاليٰ جي آڏو حساب ڏئي سگهو پر دنيا ۾ ائين جيئو جيئن هزار سال جيئڻو آهي. وزيراعظم چيو ته توهان موجوده وقت ۾ جيڪو ڪجهه به ڪري رهيا آهيو توهان کي ان جي اثرن بابت سوچڻ گهرجي جيڪي انسانيت تي وڌيڪ هزار سالن تائين پوندا. هن چيو ته اهو نبي ڪريم ﷺ جو عظيم فرمان آهي ڇو ته انهن ماحوليات ۽ زمين بابت فرمايو آهي ته ان تي ڪهڙي طرح زندگي گذارڻ گهرجي، نبي ڪريم ﷺ هر شيءَ جو مڪمل احاطو ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته پوري م??حولياتي تحريڪ هڪ مقدس فرض آهي. هن چيو ته جيڪڏهن انسان الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته انسان کي ٻين جو احساس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ سياسي نظام جي ذريعي جيڪا قيادت سامهون آئي اها عقيدي جي اصولن کان بلڪل جدا ٿي وئي، اها اقتدار جي لا??ِ آئي ۽ ان اقتدار ۾ رهڻ جي لا??ِ ٺاهه ڪيو ۽ ڪيترن ئي سياستدانن اقتدار ذاتي فائدي جي لا??ِ حاصل ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسرندڙ دنيا ۾ اڪثر سياستدان پنهنجي مفاد ۽ پئسو ڪمائڻ جي لا??ِ ئي اقتدار ۾ اچن ٿا. بدقسمتي سان تمام گهٽ نيلسن منڊيلا وانگر هئا جيڪي ڪنهن اعليٰ مقصد جي لا??ِ اقتدار ۾ آيا. وزيراعطم عمران خان چيو ته باني پ??ڪس??ان قائداعظم محمد علي جناح اها شخصيت هئي جيڪا هڪ عظيم مقصد جي لا??ِ آئي هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته موجوده دور ۾ سياستدانن کي حقارت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ڇو ته اهي چون ٿا ته اسان عوام جي خدمت لا??ِ آيا آهيون پر حقيقت ۾ اهي پنهنجي ذات جي ئي خدمت ڪن ٿا. هن چيو ته آئون پنهنجي عقيدي جي ڪري سياست ۾ آيو آهيان. مون وٽ سڀ ڪجهه هو. اسپورٽس اسٽار جي حيثيت سان اڳ ۾ ئي ملڪ ۾ منهنجو هڪ وڏو نالو هو ۽ مون وٽ دولت ۽ شهرت هئي. ان لا??ِ 22 سالن تائين جدوجهد ڪرڻ جو منهنجو مقصد رڳو وزيراعظم بڻجڻ نه هو. ان جو سبب رڳو اهو هو ته مون کي يقين هو ته معاشري جي لا??ِ منهنجي ڪا ذميواري بڻجي ٿي ڇو ته مون کي ٻين کان وڌيڪ عطا ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سمورن مذهبن موجب انسان جي آزمائش اها آهي ته ان کي جيڪو ڏنو ويو آهي ۽ انهي موجب ان جو حساب ورتو ويندو. هن چيو ته اسان جو خدا اسان کي سموريون نعمتون ڏئي آزمائيندو، آئون سياست ۾ ان لا??ِ آيس ڇو ته مون کي ان تي يقين هو مون محسوس ڪيو ته آئون تمام گهڻو خوش قسمت آهيان جو مون کي م??اشري جي لا??ِ ذميواري ملي آهي. هن چيو ته آئون ذاتي مفادن ۽ اقتدار جا فائدا حاصل ڪرڻ جي لا??ِ سياست ۾ نه آهيان. وزيراعظم چيو ته انسان جي وس ۾ جدوجهد ڪرڻ هوندو آهي ڪاميابي الله جي عطا آهي. هن چيو ته جڏهن نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست قائم ڪئي ته پاڻ ﷺ انهن ماڻهن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو جيڪي سڀ جا سڀ رهنما بڻجي ويا. هن چيو ته ماڻهو هڪ جهڙي سازگار ماحول جي لا??ِ پ??ڪس??ان کان ٻاهر وڃن ٿا ۽ اتي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن ٿا. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۾ رڳو هڪ سيڪڙو عوام کي م??ياري تعليم تائين پهچ حاصل آهي جڏهن ته ٻين وٽ موقعا ئي نه آهن. هن چيو ته موجوده پ??ڪس??ان ۾ جدوجهد سان پ??ڪس??ان جي م??ڻهن جون صلاحيتون اجاگر ٿينديون ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍي سگهبو. ملڪ ۾ عوامي ڀلائي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو فلاحي پروگرام شروع ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو مقصد ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ، دولت پيدا ڪرڻ ۽ ان کي پکيڙڻ ۽ اشرافيه ۽ مافياز جي هڪ هٺيءَ جو خاتمو آهي. هن چيو ته اهو سچ آهي ته عقيدو انسان کي باوقار بڻائي ٿو ۽ انهي سان انسان کي آزادي ملي آهي. وزيراعظم چيو ته امير اهو هوندو آهي جنهن جو ضمير خريد نه ڪري سگهجي. هن چيو ته خوداعتمادي انسان جي سڀ کان وڏي خوبي آهي.