اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شريف فيملي وٽ رسيدون ۽ رڪارڊ نه آهي ان لاءِ ڪڏهن وڊيو اچي ويندي آهي ته ڪڏهن آڊيو ۽ هاڻي بيان ح??في اچي ويو آهي، بيان ح??في به قطري ??ط، جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ۽ فليٽس ذريعن وانگر ردي جي ٽوڪري ويندو، سڄي ملڪ ۾ اسٽيٽ لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن جو عمل جاري ??هندو، سنڌ حڪومت هر سٺي ڪم جي طرح اسٽيٽ لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ به بلڪل تعاون نه ڪري ??هي آهي، سروي موجب پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بل??چس??ان ۾ 81 هزار 209 مربع ڪلوميٽر زمين جي ڊجيٽلائيزيشن ٿي چڪي آهي، 8 لک 24 هزار 210 ايڪڙ زمين تي قبضو آهي، قبضو ٿيل سرڪاري ۽ پرائيويٽ لينڊ جي ماليت 5500 ارب بڻجي ٿي، ق??ام پاڪستان کانپوءِ عمران خان واحد وزيراعظم آهي جنهن سرڪاري ??مين جي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هو سي ڊي اي بابت خاص مددگار علي نواز اعواڻ سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري ??هيو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب سرڪاري ۽ پرائيويٽ زمين رڪارڊ جا سڌارا تڪميل جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪيڊسٽرل ميپنگ جي ذريعي لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن سروي آف پاڪستان ڪري ??هيو آهي، ماضي ۾ هڪ مساوي کي اسڪين ڪري چيو ويو ته لينڊ رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي چڪو آهي، اهو حقيقت جي ابتڙ هو. هن چيو ته لينڊ ڊجيٽلائيزيشن ۾ پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بل??چس??ان جي حڪومتن مڪمل تعاون ڪيو جنهن سان 88 سيڪڙو لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن مڪمل ٿي چڪي آهي، سنڌ حڪومت هر بهترين ڪم وانگر ان معاملي ۾ به تعاون نه ڪيو، سنڌ حڪومت نٿي چاهي ته اسٽيٽ لينڊ جو پتو پوي ته ڪيتري ??مين تي قبضو آهي، پيپلزپارٽي 13 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري ??هي آهي، چائنه ڪٽنگ، سرڪاري ??مين تي ملي ڀڳت سان قبضو ڪرايو ويو، هن ٻڌايو ته ريلوي جي 825 ايڪڙ، سول ايوي ايشن جي 816 ايڪڙ، اويڪيوٽرسٽ ملڪيت جي 117 ارب ۽ اين ايڇ اي جي 52 ارب روپين جي ماليت جي زمين تي قبضي جي نشاندهي ٿي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته شميم جو بيان ح??في به قطري ??ط، جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ۽ فليٽس جي ذريعن وانگر ردي جي ٽوڪري ۾ ويندو، شريف فيملي وٽ رسيدون ۽ رڪارڊ نه آهي ان لاءِ ڪڏهن وڊيو ايندي آهي ته ڪڏهن آڊيو ۽ هاڻي اهو بيان ح??في اچي ويو آهي.