اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان تحريڪ انصاف ڊينمارڪ جي ص??ر چوڌري عمران محبوب ملاقات ڪئي ۽ موجوده مل??ي ۽ سياسي صورتحال ۽ اهم پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ خاص طور تي ٻاهرئين مل?? رهندڙ ??اڪستانين جي قومي معاملن ۾ دلچسپي ۽ مل?? ۾ صاف ۽ شفاف نظام جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مل??ي معاشي ترقي ۾ اوورسيز پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي، اڄ اسان جا سفارتخانا اوورسيز پاڪستانين جي سه??لت لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته اسان سدائين اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي حل تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پي ٽي آءِ ڊينمارڪ جي ص??ر چوڌري عمران محبوب چيو ته آمريڪا ۽ يورپ سميت اوورسيز پاڪستانين ۾ وزيراعظم عمران خان مقبول ترين شخصيت آهي، ٻاهرئين مل?? پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ مل??ي ترقي جي لاءِ پراميد آهن.