اس??ام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان پاڪستان جي آئين تحت ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي، هڪ معاهدي تحت پاڪستان حڪومت ۽ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان مڪمل سيز فائر تي راضي ٿي چڪا آهن، ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت، ملڪي سلامتي، لاڳاپيل علائقن جي امن، معاشرتي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکيو ويندو، افغان اٿارٽيز ??نهن ??الهين ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو آهي. اها ڳالهه هن تحريڪ طالبان پاڪستان س??ن ڳالهين جي حوالي س??ن ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان پهرين آڪٽوبر 2021ع تي پنهنجي انٽرويو ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪست??ن ڳالهين جو ذڪر ڪيو هو، انهن ??الهين جي شروعات ٿي چڪي آهي. هن ??يو ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان س??ن ڳالهيون آئين ۽ قانون تحت ٿينديون، ڪا به حڪومت پاڪستان جي آئين ۽ قانون کان ٻاهر ڳالهيون ڪري ئي نه ٿي سگهي. هن ??يو ته انهن ??الهين ۾ رياست جي حاڪميت، ملڪي سلامتي، لاڳاپيل علائقن جي امن، معاشرتي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڳالهين ۾ انهن علائقن جي متاثر ماڻهن ??ي قطعي طور تي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، انهن علائقن جي ماڻهن ??ي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي. هن ??يو ته ڳالهين جي اڳڀرائي کي سامهون رکندي سيز فائر ۾ توسيع ٿيندي ويندي، انهن ??الهين ۾ افغانستان جي اٿارٽيز (عبوري حڪومت) سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو آ??ي. ??ن يچو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پاڪستان جا اهي علائقا هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ مڪل امن طرف وڌي رهيا آهن.