اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آسٽريا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن خميس ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آسٽريا جي هم منصب اليگزينڊر شيلن برگ سان ملاقات دوران چئي. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان مو??ب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي ڊگهي مدي واري شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??رڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان آسٽريا کي يورپي يونين جو هڪ اهم ميمبر سمجهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪا??ي، ماحوليات، صحت ۽ تجديد قابل توانائي، آبي وسيلن، زراعت، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا مو??ود آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ اڳ ئي ٻطرفي سياسي مشاورتي اجلاس جي جلد انعقاد جا ??واهشمند آهيون، پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي بهتر صورتحال ۽ ڪاروباري سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عالمي درجا ??ندي ۾ بهتري سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن ۾ اضافو ٿيو آهي، آسٽرين ڪاروباري ماڻهو ۽ ڪمپنيون، اسان جي حڪومت جي ”ڪاروباري دوست پاليسين“ مان فائدو وٺندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿا. ??رڏ??هي وزير آسٽرين هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.