ڪراچي – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته دنيا چاهي ٿي ته افغانستان جا اڪائونٽس منجند ڪرڻ سا?? انساني بحران پيدا ٿيندو، اسان کي اميد ڪرڻ گهرجي ??ه طالبان دنيا سا?? گڏجي هلندا ۽ جيئن انهن چيو هو ته اهي دهشتگرد تنظيمن ٽي ٽي پي يا داعش کي پنهنجي ??رزمين استعمال ڪرڻ جي ??جازت نه ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي گهرو وزير چيو ته موجوده حالتن ۾ ڀارت جي ڪا خواهش پوري نه ٿي ۽ نه رتوڇاڻ ٿيو. ڀارتي ميڊيا پاڪستان تي پابندي لڳائڻ جي لاءِ گوڙ ڪري رهيو آهي. نريندر مودي جي ميڊيا پنج شير جي هٿ ٺوڪي خبرن تي پاڪ فوج جي ??لاف بي بنياد الزام هنيا ۽ بي بنياد خبرون نشر ڪيون. وفاقي گهرو وزير چيو ته ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ??ه پاڪستان جو افغانستان ۾ مفاد رڳو امن، استحڪام ۽ ترقي آهي، ڀارتي ميڊيا ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ جاگرافيائي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. پاڪستان دنيا سا?? امن تي به ڳالهه ڪندو. گهرو وزير چيو ته اسان ملا برادر کي امن جي مقصد جي لاءِ آمريڪين سا?? ڳالهين تي ويهڻ جي ??هولت فراهم ڪئي، آمريڪا هڪ معاهدي تي صحيحون ڪري افغانستان ڇڏيو، پاڪستان ان تي ڪا صحيح ناهي ڪئي. اسان انهن کي ڪجهه ڪرڻ جو نه چيو پر اسان ر??و امن جا سهولتڪار آهيون. افغانستان ما?? پرڏيهين جي ??نخلا بابت پاڪستان جي ڪوششن جي ??والي سا?? هن بڌايو ته پاڪ فوج 8 کان 10 هزار ماڻهن (پرڏيهين) کي پاڪستان مان وڏي مهمان نوازي سا?? انهن جي ??باڻن علائقن يا جتي انهن وڃڻ چاهيو منتقل ڪرڻ جي ??جازت ڏني هئي. هن چيو ته گهرو وزارت انهن کي 21 ڏينهن جي لاءِ ويزا جاري ڪيا هئا ۽ انه?? پرڏيهين کي هڪ مهيني جي ويزا به جاري ڪئي، جيڪي اڏامن ۾ دير يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري پنهنجي منزلن تي نه وڃي سگهيا. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڪا پناهگير ڪئمپ نه آهي ۽ جيڪي ماڻهو غيرقانوني طور تي ملڪ ۾ داخل ٿيا هئا انهن کي واپس موڪليو ويو.