اسلام آباد – 13 سيٽپمبر(اي پي پي) افغانستان ۾ نئين حڪومت جي قيام کانپوءِ پي آئي اي جي پهرين معمولي جي اڏام اسلام آباد کان ڪابل ۽ واپس اسلام آباد پهچي وئي. قومي ايئر ل??ئن جي ترجمان عبدالله خان طرفان جاري پڌرائي مطابق پي آئي اي جو بوئنگ 777 جه??ز پي ڪي 6249 مقامي وقت مطابق 9:45 تي اسلام آباد کان ڪابل پهتو ۽ سومر جي ٻنپهرن 12 لڳي 2 منٽ تي واپس اسلام آباد پهچي ويو. پي آئي اي جو چيف آپريٽنگ آفيسر ايئر ڪموڊور جواد ظفر سي اي او پي آئي اي جي نمائندي جي حيثيت سان پاڻ جه??ز ۾ سوار هو. ڪابل ايئرپورٽ تي خدمتن جي بحالي لاءِ افغان سول ايوي ايشن ۽ مقامي پي آئي اي جي عملي خاص انتظام ڪي?? آهن.