اسلام ??با?? – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئين پاڻي ذخير?? جي تعمير ملڪي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ سستي بجلي جي فراهمي پڻ يقيني بڻائيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل ح??ين سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ واپڊا چيئرمين وزيراعظم کي ڊيڪيڊ آف ڊيمز (ڊيمن جو ڏهاڪو) تحت پاڪستان ۾ جاري وڏن ڊيم?? جي تعمير تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ڊيم?? جي تعمير ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته پاني جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ نئين ڊيمز جي تعمير وقت جي اهم ضرورت آهي، نئين ڊيمز جي تعمير پاڻي سان گڏوگڏ ملڪي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سستي بجلي جي فراهمي پن يقيني بڻائيندي.