اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙين بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿي??دا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته م??ڪ خاص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿي??دي. هن چيو ته سيڪيورٽي ادارن امن امان جي بحالي ل??ءِ اڻٿڪ قربانيون ڏنيون آهن، انهن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي ف??رسز سان گڏ بيٺل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌماڪي ۾ شهيد ٿي??دڙ پوليس اهلڪارن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ل??ءِ دعا ڪئي.