اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوجوانن جي لاءِ روزگار جا ٻه پروگرام متع??رف ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هنرمندي جي تعليم لاءِ هڪ لک 70 هزار اسڪالرشپ ڏنا ويندا، 50 هزار اسڪالرشپ جديد ٽيڪنالاجي لاءِ ڏنا ويندا، ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪاروبار لاءِ سئو ارب روپين جا قرض ميرٽ تي ڏينداسين، هر سال نوجوانن ??اءِ فنڊن ۾ اض??فو ڪيو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار جوانن ??اءِ اهم وڊيو پيغام ۾ ڪيو.