مظفر آباد -26 جنوري (اي پي پي) آزاد ڄم??ن ڪشمير پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڀارت جي جمهوريت واري ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ۽ پنهنجي آزادي جي جدوجهد کي ح?? خوداراديت جي حاصلات تائين جاري رکڻ واري عزم کي ورجايو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق پاسبان حريت ڄم??ن ڪشمير ج?? انتظام هيٺ آزاد ڪشمير ۾ ڪنٽر??ل لائين ويجهو چڪوٽي ۾ ڀارت جي جمهوريت واري ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويو. ڪارا جهنڊا هٿن ۾ کڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سوين شهرين چڪوٽي، مظفر آباد ۾ ڀارت مخالف احتجاجي ريلين ۾ شرڪت ڪ??ي.