اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي رليف جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، عوامي نمائندن کي پنهنجي تڪن جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ قانونساز اسيمبلين ۾ آواز اٿاري مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن صوابي سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽر لياقت ترڪئي، ??يم اين اي عثمان خان ترڪئي، صوبائي وزير شهرام ترڪئي، ??يم پي اي محمد علي ترڪئي ۽ خاص م??دگار ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو.