چڪوال – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پارليامينٽ جا ميمبر چونڊ مهم تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪن ٿا، مخالف ڌر اڳواڻن جي خواهش تي اهي استعيفيٰ ڪيئن ڏئي سگهن ٿا، اسيمبلين ۾ مخالف ڌر ميمبرن ج?? فارورڊ بلاڪ ٺهي ويندا، مولانا فضل الرحمان ته 12 ه??ن رانديگر آهي، ان جي چوڻ تي ڪير استعيفيٰ ڏيندو، توانائي جي معاملي تي جلد قوم کي خطاب ڪندس، بجلي جي پيداواري ل??ڳت سان گردشي قرض وڌي ٿو، بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ل??ءِ آءِ پي پيز سان ڳالهيون جاري آهن، کا??رو تيل جي پيداوار ۾ پاڻڀرائپ جي ل??ءِ زيتون جي پوکي کي وڌايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.