ڪابل – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن جي ڏس ۾ انٽيليجنس معلومات جي مٽاسٽا ۽ ويجهي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم عمران ان ۽ افغانستان جي صدر اشرف غني خميس ڏينهن هتي صدارتي محل ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪن??ي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ ا??تح??ام ??ي لاءِ فوري قدمن جي سلسلي ۾ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان جيڪو پهريون ڀيرو افغانستان جي دور?? تي ڪابل آيو، افغان صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ م??تح??م بڻائڻ، بين الافغان امن عمل ۽ علائقائي اقتصادي ترق?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان افغان حڪومت کي پاڪستان پاران افغانستان ۾ تشدد جي خاتمي لاءِ تعاون ۽ جنگ بندي جي سلسلي ۾ پنهنجي ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي، وزيراعظم چيو ته هو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته پاڪستان افغانستان جي ڪهڙي طرح جي مدد ڪري سگهي ٿو، هن افغان صدر کي يقين ڏياريو ته هو تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ ڀرپور مدد فراهم ڪن??و، وزيراعظم افغانستان ۾ تشدد جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪن??ي گڏيل خيالن جي مٽاسٽا لاءِ ٻنهي حڪومتن جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽين جي قيام ??ي حمايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان افغانستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي افغان صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ان اعتماد جو اظهارڪيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ م??تح??م بڻائڻ ۾ مدد ملندي.