اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سميت سمورن مرضن بابت جامع قومي ڊيٽا بيس تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو هتي ڇاتي جي ڪينسر بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سماجي تحفظ واري خاص مددگا?? ڊاڪٽر ثانيه نشتر، صحت واري خصوصي مددگا?? ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ بيت المال جي ??يم ڊي عون عباس بپي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف بيمارين بابت مرڪزي ڊيٽا بيس جي کوٽ آهي، ان لاءِ ڇاتي جي ڪينسر سميت سمورين بيمارين تي جامع قومي ڊيٽا بيس تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي بيما??ي ٻين ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي ويندي آهي، ان ڏس ۾ عوام ۾ بيماري جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.