اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيو آهي، ڀارت جو تشدد ۽ رويو علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير يائو جنگ سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو، صدر چيو ته پاڪس??ان چين سان پنهنجي لاڳاپن ??ي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، چين مشڪل جي گهڙي ۾ سدائين پاڪس??ان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيو. هن يقين ڏياريو ته پاڪس??ان هڪ چين جي پاليسي جي حمايت جاري رکن??و، پاڪس??ان چين جي قومي مفاد جي اهم معاملن سميت هانگ ڪانگ، تبت ۽ تائيوان جي معاملي تي انهن سان گڏ بيٺل هوندو.