اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايس او پيز تي عملدرآمد سان وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ملڪ ۾ جولاءِ جي آخر ۽ آگسٽ جي شروع ۾ وبا جو دٻاءُ بلند ترين سطح تي هوندو، ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ گهر مان ماسڪ پائي نڪرو، بي احتياطي بزرگن ۽ ٻين ما??هن جي زندگي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ورونا وبا بابت ڳا??هائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته لاڪ ڊائون دوران ملڪ ۾ مشڪل صورتحال کي منهن ??يڻو پيو، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقو مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي. هن ??يو ته لاڪ ڊائون جو مطلب ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ ۾ گهٽتائي آهي، لاڪ ڊائون سان ڪورونا ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، آمريڪا ۾ ان وبا سان هڪ لک ما??هو مارجي ويا آهن جڏهن ته انهن لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏيو، امير ملڪ به ان نتيجي تي ??هت?? آهن ته لاڪ ڊائون مسئلي جو حل نه آهي. هن ??يو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد سان ئي وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ماسڪ پائڻ سان وائرس جي ڦهلاءُ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي اچي ٿي.