اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) مقامي طور تي تيار ڪ??ل موبائل فون سيٽن کي فروغ ڏ??ڻ جي لاءِ موبائل ڊيوائس مينوفيڪچرنگ پا??يس?? جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت کي صوبائي حڪومتن خاص طور تي پنجاب حڪومت سان رابطو ڪري آبادگارن کي ڪپهه جي بهتر قيمت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ طريقيڪ??ر جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.