پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي نوجوانن کي پاڪستان جي قيام جو مقصد ۽ علامه اقبال جي پيغام جي اصل تشريح سمجهڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم

image

اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبون شاندار طريقي سان ملهائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي نوجوانن کي پاڪستان جي قيام جو مقصد ۽ علامه اقبال جي پيغام جي اصل تشريح سمجهڻ جي ضرورت آهي. قدرت پاڪستان کي هر قسم جي نعمت سان نوازيو آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي 2022ع جي تقريبن جي تياري جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، خاص مددگارن ڊاڪٽر شهباز گل، شهزاد نواز ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان کي تقريبن جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊائمنڊ جوبلي جي حوالي سان پاڪستان جي تاريخ، ثقافت قومي هيروز، تحريڪ پاڪستان جي مشهور عورتن، مقامي راندين، سياحت، معيشت، گرين پاڪستان ۽ دوست ملڪن سان لاڳاپن جي حوالي سان ڊاڪيومينٽريز ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبون شاندار طريقي سان ملهايون وينديون. انهن تقريبن جو مقصد پاڪستان جي ڌار سڃاڻپ، ثقافت ۽ منفرد جاگرافيائي کي اجاگر ڪرڻ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي نوجوانن کي پاڪستان جي قيام جو مقصد ۽ علامه اقبال جي پيغام جي اصل تشريح سمجهائڻ جي ضرورت آهي، قدرت پاڪستان کي هر قسم جي نعمت نوازيو آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا