اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) و??را??ظم عمران خان هدايت ڪئي آه?? ته سرڪاري زمين تي قبضا ختم ڪرائي آزاد ڪرايل زمين تي ٻيلا لڳايا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وا??ي صلاحڪار شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص معاونين ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر شهباز گل، اي?? بي آر چيئرمين، سرويئر جنرل آف پاڪستان، نئون پاڪستان هائوسنگ ۽ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سرويئر جنرل آف پاڪستان جي اجلاس کي ملڪ ۾ جاري ڪيڊسٽرل ميپنگ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري زمين جي 88 سيڪڙو ميپنگ مڪمل ڪئي وئي آه??. اڃا تائين مڪمل ميپنگ سان هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين تي ناجائز قبضن جي نشاندهي ٿي آه??. انهن قبضن جي ماليت کربين رپيا بڻجي ٿي. ڪيڊسٽرل ميپنگ سان سرڪاري زمين ۽ ملڪيت ڊيجيٽل رڪارڊ جو حصو بڻجي وينديُون. سڀ کان وڌيڪ ناجائز قبضا ٻيلن جي زمين تي ڪيا ويا آه??. واپڊا، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، سول ايوي ايشن ۽ ريلوي جي زمينن تي پڻ ناجائز قبضا قائم ڪيا ويا آه??. اڳئين مرحلي ۾ پرائيويٽ زمين جي ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل صوبائي حڪومتن جي مدد سان مڪمل ڪيو ويندو. وز??را??ظم سروي آف پاڪستان جي ڪيڊسٽرل ميپنگ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ساراهيو ۽ هدايت ڪئي ته سرڪاري زمين تي ناجائز قبضن کي خالي ڪرايو وڃي. صوبائي حڪومتون ناجائز قبضن جي لاءِ قانونسازي جي عمل کي جلد مڪمل ڪن ۽ سمورا صوبا ڪيڊسٽرل ميپنگ جي ڊيٽا جي سروي آف پاڪستان سان ٻن مهينن ۾ تصديق جي عمل کي مڪمل ڪن. وز??را??ظم صوبائي حڪومتن ۽ اسلام آباد جي انتظاميا کي ناجائز قبضن جي خلاف التوا هيٺ ڪيسن جي موثر پيروي جي پڻ هدايت ڪئي. وز??را??ظم چيو ته ناجائز قبضن کي ختم ڪري آزاد ڪرايل زمين تي ٻيلا پوکڻ جو منصوبو ٺاهيو وڃي.