لاهور – 13 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پنجاب جو وڏو ??زير عثمان بوزدار عملي طور تي صوبي جي خدمت ڪري رهيو آهي، پنجاب حڪومت 540 ارب رپيا صوبي ۾ يونيورسٽين، صحت سميت ٻين وڏن پراجيڪٽ تي خرچ ڪيا آهن، عوام کي صحت ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ فراهم ڪيا پيا وڃن، مخالف ڌر کي حڪمت عملي ٺاهڻ جو پورو اختيار آهي، اڳ ۾ به ڪيترائي اتحاد ٺهندا رهيا آهن، مخالف ڌر پاڻ ته اڳ ۾ هڪ ٿي وڃي، مخالف ڌر سياسي بيروزگارن جو ميڙ آهي. هو مقامي هوٽل ۾ اسڪول آف موٽيويشنل جي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته عوام کي سستي کنڊ جي فراهمي لاءِ قدم کنيا ويا آهن، شگر ملز جي اسٽاڪ بابت قدمن تي حڪومت کي منع ناما درپيش آهن، پاڪستان ۾ جمهوري عمل هلندو رهڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. ان موقعي تي ايم پي اي سعديه سهيل راڻا، اسڪول آف موٽيويشنل جي انتظاميا سميت پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر اين آر او جي لاءِ پهرين ڏينهن کان ڪوشش ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اتحادين جي خدشن کي ختم ڪنداسين، حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ اتحاد ڪرڻا پوندا آهن. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز ??ريف تي تنقيد ڪندي هن چيو ته 10 سالن تائين پنجاب ۾ ڪيٽ واڪ وڏو ??زير رهيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان سياسي اتحاد بابت ڪا ڳالهه غور هيٺ نه آهي، سندس چوڻ هو ته شهباز ??ريف تي 7 ارب رپين جي ٽي ٽيز ۽ 25 ارب رپين جي جعلي اڪائونٽ جو ڪيس آهي. هن چيو ته احتساب جو عمل جاري آهي، نواز ??ريف جون ملڪيتون نيلام ٿي رهيون آهن. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي فرخ حبيب چيو ته اسان کي وڏا ڪم ڪرڻا آهن ۽ هن ئي پاڪستان ۾ ڪرڻا آهن، پنهنجي پنهنجي حصي جو اسان سڀ??ي کي ڏيئو ٻارڻو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اسان کي ويل لفٽ ڪرڻ سکيو، اسان کي احساس ڪمتري جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. فرخ حبيب چيو ته پنهنجي پنهنجي مئچ ناهي کيڏڻي پر ڪرڪيٽ ٽيم وانگر هڪ بڻجي پاڪستان جي مئچ کيڏڻي آهي ۽ پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. هن چيو ته اسان وٽ بهترين پروفيشنل ۽ ٽيلينٽيد ماڻهو موجود آهن، اسان کي پنهنجي ويليو، ڪلچر ۽ پنهنجي زمين تي فخر ڪرڻ گهرجي ۽ درگذر ڪندي ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته زندگي جو هڪ مقصد هوندو آهي ۽ سڀ کان وڏو ??قصد انسانيت ??ي ڀلائي جو مقصد هوندو آهي، اسان کي تنقيد براءِ تنقيد بدران اصلاحي تنقيد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وڏو ??اڻهو سدائين پنهنجي خواهشن جي خلاف وڙهندو آهي، اسڪول آف موٽيويشنل جو باني شهواز ??لوچ هڪ هلندڙ گهمندڙ داستان آهي، پاڪستان کي اهڙن هونهار فرزندن جي ضرورت آهي. شهواز ??لوچ پنهنجي ڏاهپ سان ان مقام تي پهتو آهي. اسڪول آف موٽيويشنل سندس تمام وڏو ادارو آهي. هن چيو ته شهواز ??لوچ پنهنجي ڪنهن ڪمزوري کي پنهنجي رستي جي رڪاوٽ نه سمجهيو. تقريب کي موٽيويشنل اسپيڪر قاسم عل?? شاهه، اسڪول آف موٽيويشنل جي سربراهه امتياز ??لوچ ۽ شهنواز ??لوچ سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.