اسلام آبا?? – 13 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ناليواري اداڪار سهيل اصغر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ?? افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مر??وم سهيل اصغر جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مر??وم سهيل اصغر مزاح، اسٽيج ۽ ٽي وي اداڪار طور پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. چوڌري فواد حسين چيو ته سهيل اصغر جو لاڏاڻو شوبز انڊسٽري جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، الله کان دعا آهي ته مر??وم جي مغفرت فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.