اسلا?? آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ??ه جولاءِ کان آڪٽوبر 2021ع پاڪستا?? جي ٽيڪسٽائيل روانگي واپار 6 ارب ڊالر سان ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي رهيو، اهو ڪاٿو 2020ع جي انهي ??رصي جي ڀيٽ ۾ 27 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٽيڪسٽائيل مل?? بند ٿيڻ شروع ٿي ويون هيون جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ??ي خصوصي مراعتن ۽ ڌيا?? جي ڪري ٽيڪسٽائيل روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.