اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ممل??تي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته وزيراعظم عمران خان عوام جي لاءِ پن??نجو گهر پن??نجو خواب ممڪن بڻائي رهيو آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گهٽ آمدني وارن گهرن لاءِ 200 ارب روپين کان وڌيڪ قرض جون درخواستون مليون آهن. پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب چي?? ته هن وقت تائين 78 ارب روپين جا قرض منظور جڏهن ته 18 ارب روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. ممل??تي وزير چي?? ته حڪومت ۽ مرڪزي بئنڪ بئڪن کي قرض منظوري جو عمل وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. فرخ حبيب چي?? ته گه?? لاڳت وارن گهرن جي قرض لاءِ 57 هزار درخواستون مليون آهن جنهن مان 23 هزار درخواستون قرضن جي لاءِ منظور ٿي چڪيون آهن، هن وڌيڪ چي?? ته باقي درخواستن جي منظوري جو عمل جاري آهي، ممل??تي وزير چي?? ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن پاران گهرن جي لاءِ قرض درخواستن ۾ روزاني جي بينادن تي اضافو ٿي رهيو آهي.