تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو اف??ان عوام کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ معاونت ڪري، اف??ان عوام جي معاونت جي لاءِ منجمند اثاثا فوري طور تي بحال ڪيا وڃن. اف??انستان جي حو??لي سان پاڪستان ۽ ايران هڪ پيج تي آهن. اف??انستان ۾ امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، امن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي ملندي. تهران ۾ پنهنجي ايراني هم منصب سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته اف??انستان جي صورتحال جي حو??لي سان پاڪستان ۽ ايران جي موقف ۾ هڪ جهڙائي آهي، ان سلسلي ۾ ٻئي ملڪ هڪ پيج تي آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ايراني هم منصب سان ملاقات ۾ اف??انستان ۽ علائقائي ص ورتحال س??يت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻئي ملڪ علائقائي رابطن جي فروغ ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، اسان اف??انستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. هن چيو ته اف??انستان ۾ امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اف??انستان جي عوام گذريل چار ڏهاڪن دوران جنگين مان تنگ اچي چڪو آهي ۽ اف??ان عوام خاص طور تي امن ۽ استحڪام جي مستحق آهي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري اف??انستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري. اف??انستان ۾ امن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين کي فروغ ملندو. هن چيو ته اف??ان عوام جي مدد جي لاءِ منجمند اثاثا فوري بحال ڪيا وڃن.