لاهور – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو جي مشڪلاتن کان پوري طرح آگاهه آهي، ضلعي ۽ تعلقي جي ??طح تي پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون فعال ڪيون ويون آهن، منافع خورن ۽ ذخيره اندوزن جي ??لاف بنا فرق جي ڪريڪ ڊائون جاري رهندو، پنجاب ۾ ترقياتي منصوبن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي، قانون جي ??الادستي کي يقيني بڻايو ??ڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي پنجاب جو چيف سيڪريٽري ڪامران علي افصل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان به موجود هئا، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم کي صوبي جي ??نتظامي ۽ ترقياتي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ جاري ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائي جي ??سڪيمن جي ??اري ۾ به آگاهه ڪيو ويو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي مهانگائي تي ضابطو آڻن ۽ صوبي ۾ امن امان جي ??ورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو جي ??ڪليف کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ پائيدار قدم کڻي ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي.
مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضلعي ۽ تعلقي جي ??طح تي پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون فعال ڪيون ويون آهن، منافعي خورن ۽ ذخيرو اندوزن جي ??لاف بنا فرق جي ڪريڪ ڊائون جاري رهندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنجاب ۾ جاري سم??رن ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي جي ??ندر مڪمل ڪن ته جيئن عوام جي ??هولت ٿئي. وزيراعظم چيو ته عوام جي فائدي لاءِ سم??رن عوامي ڀلائي جي منصوبن جي ??هترين معيار کي يقيني بڻايو ويندو. قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي، قانون جي ??الادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.