اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پاڪستان ۾ مقرر بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻ??رف?? لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل ??لچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا هڪ جهڙن مذهبي ۽ ثقافتي قدرن جي بنياد تي قائم آهن. پرڏيهي وزير جولاءِ 2021ع ۾ ڪيل ??حرين جي دوري دوران، بحريني قي??دت سان ٿيندڙ ملاقاتن جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي، ٻ??رف?? لاڳاپنج ي استحڪام جو مظهر آهي، پاڪستان بحرين سان ٻ??رف?? لاڳاپن ۽ گڏيل ??لچسپي جي گهڻ رخي شعبن ۾ ٻ??رف?? تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۾ مقرر بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي ٻ??رف?? لاڳاپن جي استحڪامل اءِ پنهنجي ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جو يقين ڏياريو. بحريني سفير منامه ڊائيلاگ جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ دعوتنامو پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي پيش ڪيو.