اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ??ي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ پرتگال جي عوامي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽري فرينڊشپ گروپس کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي، پرامن ۽ مستح??م افغانستان نه رڳو پاڪستان ??ي لاءِ بنيادي اهميت رکندڙ آهي پر خطي جي امن امان لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ امان ??روري آهي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پرتگال جي پرڏيهي وزير آگستو سينطوس سلوا سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي گڏيل دلچسپي، علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل قومن جي فورم تي ٻنهي ملڪن جي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پرتگال سان پاڪستان ??ي گڏيل لاڳاپن، خاص طور تي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽري فرينڊشپ گروپس تي اعتماد جو اظهار ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ پرتگال جي عوامي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ ان گروپس کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي. علائقائي امن ۽ استحڪام جي ??وا??ي سان پاڪستان ??ي عزم جو ورجاءُ ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي زور ڏنو ته پرامن ۽ مستح??م افغانستان نه رڳو پاڪستان ??ي لاءِ بنيادي اهميت رکندڙ آهي پر خطي جي امن امان لاءِ افغانستان ۾ امن امان ??روري آهي. پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو افغانستان ??ان ??ابطن جي ذريعي مثبت قدمن کي يقيني بڻائي ته جيئن افغان ??وام جي ضرورتن موجب انساني بنيادن تي ان ??ي مدد ڪري سگهجي ۽ افغانستان کي ??عا??ي تباهي کان محفوظ رکي سگهجي. هن افغانستان ??ان ??فارتي عملدارن ۽ عالمي ادارن جي عملي جي محفوظ نڪرڻ جي ??وا??ي سان پاڪستان ??ي ڪوششن کي اجاگر ڪيو، هن پرتگال جي پنهنجي هم منصب کي ڀارت جي انساني ح??ن جي سنگين خلاف ورزين، جنگي ڏوهن، انسانيت جي خلاف ڏوهن، نسل ڪشي ۽ ڀارت جي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل قراردادن ۽ عالمي انساني ح??ن جي قانونن جي خلاف ورزين جي ??وا??ي سان ??المي برادري کي فراهم ڪيل ثبوتن تي مشتمل ڊوزيئرز جي باري ۾ به ٻڌايو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ پرتگال جي گڏيل رابطن سميت اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي خواهش جو به اظهار ڪيو.