اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پاڪ فضائيه جو سي – 130 جهاز افغانس??ان جي عوام لاءِ امدادي سامان جي پهرين کيپ کڻ?? ڪابل پهچي ويو. اهو جهاز حامد ڪرزئي عا??مي هوائي اڏي تي لٿو. افغانس??ان ۾ پاڪس??ان جي سفير منصور احمد خان ۽ پبلڪ هيلٿ جي سينيئر آفيشل حاجي عمر امدادي سامان لاڳاپيل افغان عملدارن جي حوالي ڪيو جنهن ۾ اٽڪل 10 ٽن اٽو، ڏيڍ ٽن گيهه ۽ وڏي مقدار ۾ دوائون شامل آهن. هتي ملندڙ تفصيل موجب ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي پاڪس??ان جي سفير منصور احمد خان چيو ته پاڪس??ان پاران افغانس??ان جي لاءِ هنگامي امداد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. هي پهرين اڏام آهي جڏهن ته بي اڏام اڄ جمعي ڏينهن قنڌار ايندي جڏهن ته امدادي سامان جو هڪ وڏو خوست موڪليو ويندو ۽ اهو سلسلو هاڻي جاري رهندو. هن چيو ته پاڪس??ان جي سرڪاري ۽ نجي شعبي سان گڏوگڏ خيراتي ادارن پاران خصوصي اڏامون ۽ طورخم چمن جي زميني رستن ذريعي پن امدادي سامان افغانس??ان آندو ويندو. هن چيو ته گذريل هڪومت جي وڃڻ کانپوءِ افغانس??ان ۾ يقيني طور تي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانس??ان ۾ هن وقت افغان عوام جي فوري ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ گهربل انتظامي ڍانچي جي حوالي سان عبوري سياسي سيٽ اپ قائم ڪيو ويو آهي. اسان اميد ڪريون ٿا ته اهو عبوري ڍانچو افغان عوام جي انساني، ترقياتي ۽ ٻين گورننس جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. جيستائين مستقبل جي فريم ورڪ جو تعلق آهي طالبان چيو آهي ته اهي مستقل سيت اپ قائم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته اهو بعد جو مرحلو آهي، هن وقت افغانس??ان ۾ انساني ۽ ترقياتي ضرورتون وڌيڪ اهم آهن. اسان عا??مي برادري ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان رابطي ۾ آهيون. پاڪس??ان افغانس??ان جي حوالي سان تعميري پاليسي اختيار ڪئي آهي ۽ ان جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي پاليسي تي سختي سان عمل پيرا آهي. پاڪس??ان افغانس??ان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪئي ويندڙ عا??مي ڪوششن جو حصو رهيو آهي. ان کانسواءِ پاڪس??ان افغانس??ان سان معاشي ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ سرگرم آهي. هن چيو ته افغان عوام پاڪس??ان پاران انساني همدردي جي بنياد تي معاونت ۽ ترقياتي ڪم تي ان جي ڪردار کي ساراهي ٿي.