اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌري ف??اد حسين پاڪستان جي 74 هين آزاد?? جي ڏهاڙ?? جي موقعي تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن واري تصويري نمائش جو افتتاح ڪيو، اها تصويري نمائش 13 ۽ 14 آگسٽ 2021ع تائين جاري رهندي. افتتاحي تقريب ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ??ر سال وانگر هن سال به اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪستان جي عوام ۾ 1947ع جي آزاد?? جي جذب?? جي تازو ڪرڻ لاءِ ان نمائش جو انعقاد ڪيو. آزاد?? جي ڏهاڙ?? جي حوالي سان ٿيندڙ اها تصويري نمائش قائداعظم محمد علي جناح جي فعال قيادت ۾ دنيا جي نقشي تي هڪ نئين اسلامي رياست جي قيام لاءِ ننڍي کن?? جي مسلمانن جي ڊگهي جدوجهد ۽ لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿي. هن چيو ته ان نمائش جو بنيادي مقصد اهو آهي ته آزاد?? جي ڏهاڙي ۽ قرارداد پاڪستان جي حوالي سان نئين نسل کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته ??اڪستان ڇو اسان جي لاءِ ضروري هو ۽ اڄ به سڀني مسئلن جي باوجود ڪيتري وڏي نعمت آهي ۽ ان جي تحفظ، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??وڌري ف??اد حسين ان اميد جو اظهار ڪيو ته ??لندڙ سال پاڪستان جي ناياب تصويرن کي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اپ گريڊ ڪيو ويندو. هن چيو ته ??مائش ۾ رکيل ناياب تصويرون پاڪستان جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ اهميت رکندڙ هونديون. افتتاحي تقريب ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا.