ڪراچي – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ب??ان موجب وزيراعظم ڪراچي شپ يارڊ ۾ شپ لفٽ اينڊ ٽرانسفر سسٽم (ا??س ايل اينڊ ٽي ايس) جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان هوندو. وزيراعظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ۾ ڪراچي ٽرانفارميشن پلان بابت جائزه اجلاس جي صدارت کانسواءِ ڪي پي ٽي هيڊڪو??رٽ??ز جو دورو ڪندو. وزيراعظم کي ڪي پي ٽي جي ڪارڪردگي تي بريفنگ به ڏني ويندي، ان کانپوءِ وزيراعظم سون مياڻي ساحل لسٻيلا ۾ وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم ??وٽ?? هڻندڙ ڪارڪنن ۽ مقامي ماڻهن کي خطاب به ڪندو.