اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ اسان پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ ۽ ملڪ جي بانين جي بصرت موجب جمهوري قدرن، قانون جي حڪمراني ۽ اسلامي طرز زندگي کي برقرار رکڻ جو وچن ڪريون ٿا، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل اهم حيثيت رکي ٿو.
قوم ڪورونا بابت سمورين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري ته جيئن ڪورونا جي ٽئين لهر تي ضابطو آڻي سگهجي. پاڪستان ڏهاڙي 23 مارچ 2021ع جي م??قع?? تي قوم جي نالي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان جي ڏهاڙي جي م??قع?? تي اسان پاڪستان جي بانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن جي خدمتن ۽ قربانين سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا ملڪ قائم ٿيڻ ممڪن ٿيو. اڄ اسان پاڪستان کي هڪ معاشي طور تي مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ جي لاءِ پن??نجي عزم کي ورجايون ٿا. هن چيو ته ان تاريخي ڏينهن تي اسان پن??نجي معاشري کي پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن جي لاءِ انسانيت دوست، ٺوس ۽ روادار بڻائڻ جي جدوجهد جاري رکڻ جو وچن ڪريون ٿا. اسان پن??نجي ملڪ جي بانين جي بصيرت موجب پن??نجي ملڪ ۾ جمهوري قدرن، قانون جي حڪمراني ۽ اسلامي طرز زندگي کي برقرار رکڻ جو پڻ وچن ڪريون ٿا. صدر چيو ته ان ڏينهن اسان کي پن??نجي ڪشميرين ڀائرن کي به ياد رکڻ گهرجي جن کي هندستاني سيڪيورٽي فورسز 7 ڏهاڪن کان محڪوم بڻائي رکيو آهي. انهن کي بدترين ڏاڍ ۽ رياستي ??هشتگردي جو نشانو بڻايو ويو آهي. اسان پن??نجي ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي حمايت جاري رکڻ جو وچن ڪريون ٿا. غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي پائمالين جو دنيا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل اهم حيثيت رکي ٿو. صدر عارف علوي چيو ته اڄ اسان پن??نجي هيروز خاص طور تي صحت جي شعبي سان واڳيل ڪارڪنن ۽ ٻين لاڳاپيل اد??رن کي پڻ سلام پيش ڪريون ٿا، جن ڪوويڊ 19 جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ اهم ڪردار اد?? ڪيو ۽ ان مشڪل وقت ۾ ماڻهن کي علاج فراهم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار اد?? ڪيو. اسان پن??نجي صحت جي شعبي جي پروفيشنلز جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيون ٿا جن ان بحران دوران قوم جي بي لوث خدمت ڪئي. هن چيو ته آئون پن??نجي هم وطنن کي گذارش ڪريان ٿو ته ڪورونا بابت سمورين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪن ته جيئن ڪورونا جي ٽئين لهر تي ضابطو آڻي سگهجي. مون کي يقين آهي ته اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جي مدد سان اسان پن??نجي راهه ۾ ايندڙ ڪنهن به چئلينج تي ضابطو آڻي سگهون ٿا.