اسلام آباد -26 جنوري (اي پي پي)نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو ۽ صنعتن پيداوار واري وفاقي وزير ح??اد اظهر جي گڏيل صدارت ۾ رٿيل اجلاس دوران پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس گذريل ڏينهن وفاقي وزيرن جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو جنهن ۾ نجڪاري واري وفاقي س??ڪر??ٽري ايڊيشنل س??ڪر??ٽري انڊسٽريز سميت لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي محمد ميان سومرو چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي جي عمل جي ڪابينه جي نجڪاري ڪ??يٽي جي فيصلي جي روشني ۾ڪيو ويندو ۽ پي ايس ايم جي اثاثن پاڪستان اسٽيل ملز جي ذيلي ڪ??پني کي ملڪيت جي منتقلي کان سواءِ ٽرانسفر ڪيا ويندا.