اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته هڪ طرف ٻاهريان دشمن انڊين ڪرانيڪلز جي ذريعي پاڪستان جي خلاف ڪوڙي معلومات پکيڙڻ جو ڏوهه ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف پي ڊي ايم ڪ??ڙ جو سه??رو وٺي عوام ۾مايوسي پکيڙي رهي آهي، ٻنهي جي ڪ??ڙ جو واپار رنڱيل هٿن سان پڪڙيو ??يو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته گذريل رات مناظري ۾ شاهد خاقان عباسي جي اها ئي حالت هئي جيڪا ”هارڊ ٽاڪ“ ۾ استحاق ڊار جي هئي، سچ جي سامهون انهن جا هٿ ??ير ٿڌا ٿي ويندا آهن، هن چيو ته نديم بابر (ن) ليگي ڪ??ڙ جا ذرا ذرا ڪري ڇڏيا، هاريل ٽيم جي ٽاپ رانديگرن جي بي وسي ۽ لاچار ڏسڻ وٽان هئي.