اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، ن??ري??ت، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ناليواري صحافي روزاني بزنس رڪارڊر جي ڊپٽي چيف ايگزيڪيوٽو ارشد ز??يري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ارشد ز??يري جو لاڏاڻو صحافت جي شعبي جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن چيو ته ارشد ز??يري جوش ۽ جذبي سان اخباري صنعت جي خدمت ڪئي، ارشد ز??يري انتهائي باصلاحيت ۽ تجربيڪار صحافي هو جنهن معاشي صحافت ۾ نوان معيار قائم ڪيا. هن چيو ته مرحوم جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ارشد ز??يري جي مغفرت فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.