اسلام آ??اد- 07 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته رائٽ سائزنگ جو عمل شفاف طريقي سان اڳيان وڌي رهيو آهي، ڪوشش آهي جاري مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين اهو عمل مڪمل ٿئي، 60 سيڪڙو خالي ريگيولر پوسٽن کي ختم يا ڊائننگ پوسٽون قرار ڏنو ويو آهي جن جو انگ ڏيڍ لک جي لڳ ڀڳ آهي. وزيراعظم ۽ ڪابينه ان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنرل نان ڪور سروسز (مڪينڪ، پلمبنگ ۽ ڪارڊنر) جي پوسٽن کي آئوٽ سروس ڪيو و??ند?? ته جيئن ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري آڻي سگهجي. ڪنٽين جينسي پوسٽن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ناڻي وزارت سمورن حڪومتي ادارن ۽ کاتن جي ڪيش بيلنس جي سڌيءَ ريت نگراني ڪندي، پهرئين مر??لي ۾ 6 وزارتن جي 80 ادارن جي انگ کي گهٽ ڪري 40 ڪيو و??ند??، ٻئي مر??لي ۾ 25 ادارن کي وائنڊ اپ ڪيو و??ند??، 20 ادارن جي ڳاڻيٽي کي گهٽ جڏهن ته 9 ادارن کي ضم ڪيو و??ند??. ڪالهه پارلياماني ٽاسڪ فورس جي ڪنوينر بلال اظهر ڪياني ۽ ٻين سينيئر عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چي?? ته گذريل 6-7 مهينن ۾ ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ تي اسان جي توجهه رهي آهي، پاڪستان جي معيشت بهتر حالت ۾ آهي، اسان جا سڄا هدف درست رُخ ۾ جاري آهن، جٽادار اؤسر لاءِ هڪ بنياد رکي ڇڏيو آهي، ڪوشش آهي ته بوم اينڊ بسٽ سائيڪل کان نڪري وڃون، هاڻ روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر طرف اسان جو ڌيان آهي. هن چي?? ته حڪومت نجي شعبي جي قيادت ۾ معيشٽ کي اڳيان وٺي وڃڻ تي يقين رکي ٿي، ڍانچي جاتي سڌارن جو عمل جاري آهي، ڪسٽم ۾ فيس ليس انٽر ايڪشن جو نظام لاڳو ٿي چڪو آهي، وزيراعظم ان جو افتتاح ڪندو. ناڻي واري وزير چي?? ته سرڪاري خرچن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان قدمن جو سلسلو جاري آهي، وفاقي حڪومت جي رائٽ سائزنگ تي ڪم ٿي رهيو آهي، اسان ان ڳالهه تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون ته حڪومتي ڳاڻيٽي ۽ خرچن کي ڪيئن گهٽ ڪجي، جون 2024ع ۾ وزيراعظم رائٽ سائزنگ جي ڪميٽي بڻائي هئي، ڪميٽيءَ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جي ميمبرن کان علاوه سينيئر عملدار به شامل هئا، جڏهن ته نجي شعبي کي به نمائندگي ڏني وئي آهي، ان ڪميٽيءَ جي ٽي او آرز جو بنيادي مقصد اهو آهي ته خرچن ۾ گهٽتائي آندي وڃي ته جيئن وسيلن کي بهتر مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي. ڪميٽي سمورين وزارتن ۽ ذيلي ادارن جي افاديت جو جائزو وٺن??ي آهي، 43 وزارتن ۽ 400 ذيلي ادارن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي ٿو، انهن ادارن جا 900 ارب جا خرچ بڻجن ٿا. هن چي?? ته رائٽ سائزنگ جو عمل مر??ليوار بنيادن تي اڳيان وڌايو پيو وڃي، پهرئين مر??لي ۾ 6 وزارتن ۽ ضم ٿيل ادارن کي سڏايو ويو جن ۾ ڪشمير معاملن ۽ سيفران واري وزارت، آءِ ٽي، صنعت ۽ پيداوار، قومي صحت ۽ خدمت ۽ ڪيڊ شامل هيون، اسان نه صرف وزارتن پر کاتن کي به تفصيل سان ٻُڌو. هڪ هڪ وزارت سان ڪيترن ئي ڪلاڪن جو صلاح مشورو ٿيو ۽ ان کانپوءِ فيصله سازي ٿي، فيصلن کي وزيراعظم ۽ ڪابينه وٽ کنيو و??ند?? آهي ۽ وزيراعظم جي رهنمائي حاصل ڪئي وين??ي آهي، انهن فيصلن تي هاڻ عملدرآمد جو مر??لو شروع ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير چي?? ته پهرئين مر??لي ۾ 6 وزارتن ۽ ذيلي ادارن جي حوالي سان ڪالهه هڪ ميٽنگ ٿي، ڪشمير ۽ سيفران معاملن واري وزارت کي ضم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ڪيڊ کي ختم ڪيو و??ند??، پهرئين مر??لي ۾ 6 وزارتن جي 80 ادارن جي انگ کي گهٽ ڪري 40 ڪيو و??ند??، ٻئي مر??لي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪامرس، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي 60 ادارن بابت فيصلا ٿيا آهن، 25 ادارن کي وائنڊ اپ ڪيو و??ند??، 20 ادارن جي ڳاڻيٽي کي گهٽ ڪيو و??ند?? جڏهن ته 9 ادارن کي ضم ڪيو پيو وڃي، ٽئين مر??لي ۾ وفاقي تعليم واري وزارت، سڌ سماءَ واري وزارت، نيشنل هيريٽج اينڊ ڪلچر، ناڻي ۽ پاور واري وزارت شامل آهن، انهن ادارن سان به ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، رائٽ سائزنگ جو ڪم جاري مالي سال جي آخر تائين مڪمل ڪيو و??ند??. ناڻي واري وزير چي?? ته حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ ترتيب ڏيڻ ۽ ان کي پائيدار بڻائڻ آهي، نجي شعبي کي ملڪ جي قيادت ڪرڻي آهي، نجي شعبو بهتر هوند?? ته روزگار جا موقعا وڌيڪ فراهم ٿيندا. هن چي?? ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ اهڙو بينچ مارڪ مقرر ڪري ٿو، جيڪو ملڪ لاءِ سُٺو هجي ته اسان کي ان تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهوئي ملڪي مفاد ۾ هوندو آهي. هن چي?? ته اسان وفاقي حڪومت جو ڳاڻيٽو گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، انهن قدمن جي نتيجي ۾ بجيٽ تي سُٺا اثر جڙندا، اسان جي قرضن جي ادائگي ۾ بهتري آئي آهي، پهريون ڀيرو پينشن سڌارن تي عملدرآمد جي شروعات ٿي چڪي آهي جنهن سان آهستي آهستي بهتري ا??ند??. هن چي?? ته وزيراعظم جي ويزن موجب سڌارا آڻي رهيا آهيون ته جيئن حڪومت تي بار گهٽ ٿي سگهي، ايس او پيز سڌارن ۾ ڪنهن به وزارت کي ڇوٽ حاصل ناهي، سمورن وزارن کي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ڏسي رهيا آهيون، رائٽ سائزنگ جو عمل شفاف طريقي سان ٿي رهيو آهي ۽ ان سان حڪومتي ڪارڪردگيءَ کي به بهتر بڻايو و??ند??. جون 2025ع تائين رائٽ سائزنگ جو عمل ڪرڻو آهي. ان موقعي تي بلال اظهر ڪياني چي?? ته ڪيترن ئي وفاقي ادارن جو ڳاڻيٽو وڌيڪ آهي، ان سڄي عمل جو بنيادي مقصد اهو آهي ته خرچن کي گهٽ ڪري سگهجي، رائٽ سائزنگ جو مقصد حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ فعاليت ۾ واڌ ڪرڻ آهي، وزيراعظم ان سڄي عمل جي نگراني ڪري رهيو آهي.