لاهور-04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? چيو آهي ته حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ايس ايم ايز جي ترقي جي حوالي سان ??فا?? ۽ سمورا صوبا گڏجي ڪم ڪن. اهڙو اظهار هن ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي هٿي ڏيڻ ۽ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب هن چيو ته ننڍا ۽ وچولي درجا جا ڪاروبار ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکن ٿا، پاڪستاني صنعتن کي گلوبل سپلائي چين جو حصو بڻائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ايس ايم ايز جي ترقي جي حوالي سان ??فا?? ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ سميڊا جي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي سميڊا جو بورڊ جوڙيو ويو آهي ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم جي هدايت موجب ملڪ ۾ ايس ايم ايز سيڪٽ?? جي ترقي لاءِ عالمي معيا?? جي ماهرن جو خدمتون حاصل ڪرڻ جي حوالي سان عمل جي شروعات ٿي چڪي آهي. ايس ايم ايز سيڪٽ?? جي اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمي?? جي چيف سيڪريٽرين کي شامل ڪيو ويو آهي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان بئنڪن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته ايس ايم ايز کي قرضن ??ي فراهمي جي حوالي سان بئنڪ فارمز کي آسان بڻايو وڃي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته صنعتن ۽ پيداوار واري ??فا??ي وزارت ايس ايم ايز سيڪٽ?? جي ترقي جي حوالي سان صوبائي حڪومتن سان رابطا وڌيڪ بهتر بڻايا آهن. ايس ايم ايز سيڪٽ?? جي حوالي سان سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن ان حوالي سان لائحه عمل تيار ڪري ورتو آهي جڏهن ته پنجاب، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جون حڪومتون جامع ??ڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيون آهن. وزيراعظم جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ موجود ايس ايم ايز جي ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي، اجلاس ۾ صنعتن ۽ پيداوار وارو ??فا??ي وزير راڻا تنوير حسين ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسر موجود هئا.