اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) ڏيهي توڙي پرڏيهي فضائي آپريشنز ۾ وڏي پيماني تي واڌ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت ڪويت، بحريه، دوحه سميت دمام ۽ جده ??اءِ نيون عالمي اُڏامون آپريشن ۾ شامل ڪيون ويون آهن. پي آءِ اي ڪارپوريٽ ڪميونيڪيشن ڊويزن موجب اندرون ملڪ اُڏامن ۾ ڪر??چي ۽ـ پشاور وچ ۾ هفتيوار وڌيڪ اُڏامن سان ملڪي نيٽ ورڪ کي واڌ ڏني وئي آهي. ڪر??چيءَ کان پشاور لاءِ ٽين هفتيوار اُڏام 25 جنوريءَ کان شيڊول جو حصو بڻجن??ي. ??ي آءِ اي لاهور کان ڪويت لاءِ به هفتيوار ٻه طرفيون اُڏامون 25 جنوريءَ کان بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح لاهور کان دمام لاءِ نيون هفتيوار ٻه اُڏامون 22 جنوريءَ کان شروع ٿينديون. قومي ايئر لائن جي سيالڪوٽ کان بحرين لاءِ هفتيوار اُڏام 20 جنو??ي کان جڏهن ته سيالڪوٽ کان دوحه لاءِ نئين ٻه طرفي هفتيوار اُڏام جي شروعات 21 جنوريءَ کان ٿين??ي. ??ضائي آپريشن ۾ واڌو اُڏامون سيالڪوٽ کان جده ??اءِ 20 جنوريءَ کان هلايون وينديون. پي آءِ اي پنهنجن مسافرن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي ملڪ اندر توڙي ٻاهر آسان رسائي سميت رابطن کي جوڙڻ لاءِ اهڙن قدمن جو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رکندي.