ڪراچي – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن ڪراچي پهچڻ تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشر??ات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ صحت وارو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ به وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تي قائم سائوٿ ايشيا ٽرمينل جو دورو ڪيو. وزيراعظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ ايف بي آر جي ڪسٽم ڪليئرنس جي خودڪار ??ظا?? جو افتتاح ڪندو. ان ??ظا?? جو مقصد ڪسٽم ڪليئرنس ۾ شفافيت ۽ ڪليئرنس جي وقت ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. وزيراعظم پنهنجي گذريل ڪراچي جي دوري ۾ ان خودڪار ??ظا?? کي لڳائڻ جون هدايتون ڪيون هيون. وزيراعظم پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو دورو ڪندو جنهن ۾ ان جي 2024ع ۾ سڄي دنيا جي ٻي بهترين ڪارڪردگي رکندڙ اسٽاڪ ايڪسچينج جي اعزاز ح??صل ڪرڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. دوري ۾ وزيراعظم آغا خان يونيورسٽي ۾ ڪلينڪل پريڪٽس جي هدايت جي مهورتي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو.