اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بينظير ڀٽو شهيد جمهوريت جي علمبردار، مڪالمي ۽ مفاهمت جي مضبوط حامي ۽ استقامت جي علامت هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي 17هين شهادت جي ڏه??ڙي تي کيس ??را?? عقيدت پيش ڪندي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان بينظير ڀٽو جي شهادت جي 17هين ورسيءَ ملهائي رهيا آهيون. جمهوريت جي علمبردار ۽ س??اسي عمل ۾ مڪالمي ۽ مفاهمت جي مضبوط حامي، بينظير ڀٽو همت ۽ استقامت جي علامت بڻي. هن چيو ته ميثاق جمهوريت جنهن تي بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف جي وچ ۾ صحيحون ٿيون، اهو سندس پائيدار سياسي ڏاهپ جو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته سندس خاندان، خاص طور تي صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ س??دس پيروڪارن کي دل جي گهراين سان ??را?? تحسين پيش ڪريان ٿو، جيڪي فخر سان سندس ويزن ۽ س??دس نظرين کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.